سڄي ملڪ ۾ سون جي مُلهه ۾ وڌيڪ 15 سئو رپيا لاٿ

ڪراچي :ملڪ اندر سون جي مُلهه ۾ وڌيڪ 15 سئو رپيا لاٿ ٿي آهي.

سونارا بازار ۾ في تولي سون جي قيمت 15 سئو رپيا لاٿ کانپوءِ هڪ لک 13 هزار 5 سئو رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 97 هزار 308 رپيا ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جو قدر 11 ڊالر گهٽجي هڪ هزار 916 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔