سوشانت لاءِ منشيات خريد ڪندي هئس: ريا چڪروتي اعتراف ڪري ورتو

ممبئي: آپگهات ڪندڙ نوجوان ڀارتي اداڪار سوشانت سنگهه جي اڳوڻي دوست ريا چڪروتي پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته هو اداڪار جي لاءِ منشيات خريد ڪندي هئي.
ميڊيا رپورٽ موجب نارڪوٽيڪس ڪنٽرول بيورو ريا چڪروتي کان تقريبن 7 ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا ڪئي. جنهن کان پوءِ ريا اعتراف ڪيو آهي ته مان سوشانت سنگهه راجپوت جي لاءِ پنهنجي ڀاءُ شووڪ چڪروتي جي ذريعي منشيات خريد ڪندي هئس.
ريا چڪروتي ٻڌايو ته سوشانت سنگهه منشيات جو عادي هو ۽ فلم جي شوٽنگ تي به منشيات گهرائيندو هو. ريا چڪروتي پاڻ منشيات جي استعمال جو اعتراف ته نه ڪيو پر هن اهو ضرور مڃيو ته مان سگريٽ ضرور پيئندي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔