عامر خان جي ڀاءُ فيصل خان جا گهر ڀاتين تي سنگين الزام

ممبئي :جڳ مشهور ڀارتي اداڪار عامر خان جي ڀاءُ فيصل خان الزام هنيو آهي ته گهر ڀاتين مون کي ڄاڻي واڻي دوائون ڏنيون ۽ هڪ سال تائين گهر ۾ قيد رکيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار فيصل خان پنهنجي گهر ڀاتين جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ انٽرويو ۾ فيصل خان چيو ته گهر ڀاتين مون کي دوائون ڏنيون ۽ هڪ سال تائين گهر ۾ قيد رکيو، اهو سڀ ان وقت ٿيو جڏهن گهر ڀاتين مون کان صحيحن جا حق واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
سندس موجب مان فيصلو ڪيو ته منهنجي حق لاءِ پاڻ بيهندس ۽ عدالت جو در کڙڪائيندس.
فيصل خان 13 سال اڳ ڇپيل خبرن جو حوالو ڏيندي چيو ته اهي بلڪل ٺيڪ هيون، جن ۾ چيو ويو هو ته فيصل ذهني پريشاني ۽ دٻاءَ جو شڪار ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔