انسٽاگرام ۽ فيس بڪ کي گڏ ڪرڻ واري عمل ۾ اهم اڳڀرائي

نيويارڪ: مشهور سوشل ميڊيا ايپليڪيشن انسٽاگرام ۽ فيس بڪ کي گڏ ڪرڻ جي عمل ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب نئين فيچر جي تحت انسٽاگرام صارفين پنهنجي اسٽوريز فالورز کي فيس بڪ تي به ڏيکارڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب هن فيچر جي استعمال جي لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي هن فيچر جي چونڊ ڪئي هجي جڏهن ته پنهنجا فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ گڏ لنڪ ڪيا هجن.
ڪمپني موجب فيس بڪ تي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان کي انسٽاگرام تي فالو نٿا ڪن اهي انسٽاگرام اسٽوري به نه ڏسي سگهندا. جڏهن ته اسٽوري ويوز ۽ ريپلائيز انسٽاگرام تي ئي نظر ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔