پاڪستاني اداڪاره نمره خان ڏاڪڻن تان ڪري زخمي ٿي پئي

لاهور: پاڪستاني اداڪاره نمره خان پنهنجي فالوورز سان شيئر ڪيو آهي ته مان ڏاڪڻن تان ڪري زخمي ٿي پئي آهيان جنهن سبب منهنجي مٿي ۽ چهري تي ڪافي ڌڪ لڳا آهن.
انسٽاگرام اسٽوريز ۾ نمره پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ ان جي نڪ ۽ اک وٽ گهرا ڌڪ صاف نظر اچي رهيا آهن. نمره مداحن کي ٻڌايو ته الله جي مهرباني ۽ اوهان سڀني جي دعا آهي ته هاڻ زخم بهتر ٿي رهيا آهن. هن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ هڪ ٻئي تصوير ۾ ٻڌايو ته مٿي ۾ لڳندڙ اندروني ڌڪ سبب تڪليف گهڻي آهي. جنهن کان پوءِ نمره ميڪ اپ واري خوبصورت تصوير به شيئر ڪئي جنهن ۾ ان جا زخم نظر نه اچي رهيا آهن.
اداڪاره ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مان پنهنجا زخم ميڪ اپ سان لڪائي ڇڏيا آهن هميشه مسڪرائيندا رهو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔