وزيراعظم جِي هدايت تي پنجاب سرڪار آءِ جِي شعيب دستگير کي هٽائي ڇڏيو

لاهور :سي سي پي او لاهور سان اختلاف آءِ جِي پنجاب شعيب دستگير کي ڳچي ۾ پئجي ويا، وزيراعظم جِي هدايت تي پنجاب سرڪار آءِ جِي شعيب دستگير کي هٽائي ڇڏيو، انعام غني نئون آءِ جِي پنجاب مقرر، هٽايل آءِ جِي پنجاب کي سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڊويزن مقرر ڪيو ويو، آءِ جِي پنجاب شعيب دستگير چيو آهي ته سي سي پي او لاهور ڪمانڊ خلاف ڳالهائي رولز جِي ڀڃڪڙي ڪئي، سندس مقرري تي ڪوبه اعتراض نه هو، پر رولز جِي ڀڃڪڙي تي سي سي پي او خلاف ڪارروائي ٿئي ها ته ڪو مسئلو نه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔