وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڪراچي پهچندو،اهم اعلان متوقع

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪندو ۽ شهر جي مسئلن جي حل لاءِ ان پاران اهم اعلان متوقع آهن .

پاڪستان تحريڪ انصاف  جي اڳواڻ نجيب هارون چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ هڪ هزار ارب جي پيڪيج جو اعلان ڪندو .

هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڪ هزار ارب رپيا 3 سالن ۾ خرچ ڪيا ويندا .

هن ٻڌايو ته پنج مختلف ذريعن کان اهي فنڊ ڏنا ويندا ، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا فنڊ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ، عالمي ادارا ۽ ترقياتي پروگرام به شامل هوندو .

وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ نالن جي صفائي ،حددخلين جي خاتمي ، پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين مسئلن جي حل ۽ صاف پاڻي جي فراهمي بابت اهم منصوبن جو پڻ اعلان ڪندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔