سپريم ڪورٽ صدارتي نظام لڳائڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ صدارتي نظام لڳائڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي نظام لڳائڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي، عدالت درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي، عدالتي اعتراض ۾ چيو ويو ته درخواست گذار واضح ناهي ڪيو ته عوامي اهميت جو معاملو ڇا آهي، عدالت جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾درخواست داخل ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ٻئي فورم جو استعمال نه ڪيو ويو، درخواست ۾صدر ۽ وزيراعظم کي ڌر بڻائي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔