آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 2 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. جنرل قمر جاويد باجوه شهر جي مختلف علائقن جو هوائي دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽرز جو به دورو ڪيو. جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي معاشي سرگرمين جو مرڪز آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعميراتي منصوبن ۾ فوج ممڪل مدد ڪندي، پاڪ فوج ڪراچي واسين کي ڏکئي وقت ۾ مايوس نه ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔