سنڌ ۾ برساتن سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪبي:وڏو وزير مراد شاهه

عمرڪوٽ : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اميد آهي ته هو سڄي سنڌ کي هڪ ئي نظر سان ڏسندو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن عمرڪوٽ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

سيد مراد علي شاهه عمرڪوٽ – رتنور روڊ تي موجود ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ تي پھتو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪئي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ برساتن سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪندي، عوام کي اڪيلو نه ڇڏبو، عمرڪوٽ اچڻ جو مقصد متاثرن سان ملڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي.

هن چيو ته متاثرن کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ خيمن جو بدوبست اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، 2011 ۾ وفاقي حڪومت اسان جي هئي پر هاڻ ناهي.

سندس چوڻ هو ته هن ڏکئي وقت ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي، شبلي صاحب کي شايد اندازو ناهي ته اهڙي وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي آهي، شبلي جي بيان مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي ماڻهن جي مدد ڪرڻ نٿا چاهين.

وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت سياست ڪري رھي آھي، جيڪڏهن انهن کي ڪم ڪرڻو آھي ته پاڻ اچي ماڻھن جي مدد ڪن، جيئن پ پ جا ورڪر ڪري رهيا آهن، منهنجي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اميد آهي ته هو سڄي سنڌ کي هڪ ئي نظر سان ڏسندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔