ڪراچي ۾ لوڪل گورنمينٽ 4سالن تائين هڪ به نالو نه ٺاهي سگهي:چيف جسٽس

اسلام آباد : ڪراچي ۾ لوڪل گورنمينٽ چئن سالن تائين هڪ به نالو نه ٺاهي سگهي، لوڪل گورنمينٽ وارن کي جيترا به پئسا مليا، اُهي پگهارن ۾ خرچ ٿي ويا، ڪراچي جي معاملي تي وفاقي سرڪار ڪٿي آهي؟ ڪي ايم سي بورڊ آهي پر اُن جو هڪ به ملازم نظر نٿو اچي، لڳي ٿو سمورا گهوسٽ ملازم ڀرتي ٿيا آهن، سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته شهر جي سار لهڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي خبر آهي ته ڪراچي جا ڪرتا ڌرتا ڪير آهن؟ اُهي ته شهرين جي وات مان گرهه به کسي ويندا آهن، اٽارني جنرل صاحب! ڪراچي ۾ حڪومت بيوس نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔