قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڪراچي جي دوري تي پهچي ويو

ڪراچي: مسلم ليگ ن جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌراڳواڻ شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي ويو .

شهبازشريف هوائي جهاز وسيلي قائداعظم انٽرنيشنل ائير پورٽ تي پهتو جتي ن ليگ ڪراچي جي مرڪزي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي

شهباز شريف اڄ ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل گهراڻن سان ملاقات ڪندو ۽ پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائيندو.

شهبازشريف اڄ شام بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات پڻ ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔