عورت جي وات مان چار فوٽ ڊگهو نانگ ڪڍيو ويو

ماسڪو: روس ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ نانگ ستل عورت جي وات ۾ داخل ٿيڻ بعد پيٽ ۾ هليو ويو ، جنهن تي ڊاڪٽرن کي آپريشن ڪرڻو پيو.
پرڏيهي خبر رسان ايجنسي جي رپورٽ مطابق هي خوفناڪ واقعو روس جي شهر داغستان ۾ پيش آيو ، جتي 4 فوٽ ڊگهو نانگ اوچتو گهر ۾ ستل عورت جي وات وسيلي داخل ٿي ڳلي ذريعي پيٽ ۾ داخل ٿي ويو.
رپورٽ موجب ، واقعي کانپوءِ فوري طور تي عورت جي صحت خراب ٿي وئي ۽ هن کي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو ، جنهن تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، ڊاڪٽرن هڪ آپريشن ذريعي عورت جي پيٽ مان نانگ ڪڍيو.
عورت جي صحت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔