اوگرا پاران پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ نَوَ رپين تائين واڌ جي سفارش

اسلام آباد: آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم اسم 9 رپين تائين مهانگي ڪرڻ جي سمري حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي.
اوگرا قيمتن ۾ واڌ بابت 2 تجويزون حڪومت کي موڪليون آهن. پهرين تجويز عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ هيٺاهين مٿاهين جي تناسب سان موڪلي وئي آهي، جنهن موجب پيٽرول ساڍا 3 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل پوڻا 4 رپيا ليٽر مهانگو ڪيو وڃي، جڏهن ته گاسليٽ 2 رپيا ۽ لائٽ ڊيزل هڪ رپيو 60 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ٻي تجويز ۾ پيٽرول 8 ۽ ڊيزل 9 رپيا ليٽر مهانگو ڪرڻ، جڏهن ته گاسليٽ 4 ۽ لائٽ ڊيزل ساڍا 4 رپيا ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم اسمن جي نئين قيمتن جو نفاذ 15 ڏينهن لاءِ ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم اسمن جون نيون قيمتون پهرين سيپٽمبر کان لاڳو ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔