والاريل ڪشمير جي عوام حق تي قائم رهندي سنت امام حسين رضه کي زندهه رکيو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان يوم عاشور جي موقعي تي قوم کي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ حرمت واري مهيني محرم الحرام جي 10 تاريخ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمان اڄ رسول صه جي پياري ڏوهٽي امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانين کي عقيدتي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

عمران خان چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حضرت امام حسين رضه جي شهادت جي لازوال قرباني جي ياد تازي ڪري رهيا آهن، شبيري جذبو مسلمانن جي ايمان، يقين، سچائي ۽ اصول پسندي جي روايت کي جلا بخشي ٿو.

هن چيو ته اهو اسلام جو  ابدي پيغام ۽ قرباني جي جذبي جي لازوال روايت جي سرچشمو آهي.

وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي ڪشمير ۾ ڀارتي سامراج  جي هيٺان دٻيل عوام جي قربانين کي به ڀيٽا پيش ڪرڻ گھرجي، والاريل ڪشمير جي عوام حق تي قائم رهندي سنت امام حسين رضه کي زندهه رکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔