10 محرم : حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ عزاداري، ماتمي جلوس

ڪراچي : ڪربلا جي ميدان تي اسلام جي سربلنديءَ لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ عزاداري، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڏهين محرم الحرام تي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيڻ بعد منزل ڏانهن روان دوان، انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ ماتمي جلوس طئه ٿيل رستن تان ٿيندو اڄ رات کارادر ۾ امام بارگاهه حسينيه ايرانيه تي نهر ٿيندو، حيدرآباد ۾ ڏهين محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاهه مولا علي تان برآمد، مختلف علائقن مان برآمد ٿيل 200 کان وڌيڪ ماتمي جلوس مرڪزي ماتمي جلوس ۾ ضم ٿي ويندا، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ به يا حسين حسين جي صدائن سان عزاداري، نوحه خواني، سينا زني ۽ زنجير زني سان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، ڪشمور ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ذوالجناح جي شبيهه ۽ تعزين سان ماتمي جلوس امام بارگاهه پير فتح شاهه بخاري کان برآمد، ماتمي جلوس طئه ٿيل رستن کان ٿيندو شام جو ساڳئي امام بارگاهه تي نهر ٿيندو،ٺٽي ۾ يومِ عاشور جو مرڪزي ماتمي جلوس شيرازي امام بارگاهه کان نهر ٿيندو، ماتمي جلوسن جي روٽس تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔