موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ اڄ کان سومر تائين هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي، شهري ٻوڏ جو خدشو

ڪراچي : موسميات کاتي سنڌ ۾ اڄ کان سومر تائين هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ آچر ۽ سومر تي تيز برسات پوندي جنهن سان شهري ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جا هيٺاهين علائقا برساتن جي ڪري ٻيهر پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا، جنهن ڪري لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ آچر ۽ سومر تي تيز برساتن جي ڪري شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گهڻي برسات جو امڪان نه آهي، آچر ۽ سومر تي ٿيندڙ برسات جي شدت خميس واري برسات کان گهٽ ٿيڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 2020 ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات پئي، مون سون برساتن جو 10 سالا رڪارڊ جي موجب موجوده سال ۾ معمول کان 218 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي آهي ۽ اڃا به وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔