ڪراچي ۾ وڏي وزير پاران کارادر ۽ ٻين ماتمي جلوس جي روٽس جو دورو

ڪراچي : ڪراچي ۾ وڏي وزير پاران کارادر ۽ ٻين ماتمي جلوس جي روٽس جو دورو ڪيو آهي، مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات بعد گٽر چوڪ ٿي ويا آهن، وڏي وزير چيو ته واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جون 20 گاڏيون پاڻي صاف ڪرائڻ لاءِ لڳايون آهن، صفائي لاءِ هڪ الڳ ٽيم لڳائي آهي، جيڪا علائقي کي واش به ڪندي، عوام جي تڪليف جو احساس آهي، علائقي واسين کان معذرت ڪيان ٿو، سيد مراد علي شاهه آرام باغ کان صدر تائين ماتمي جلوس جي روٽ جو جائزو ورتو، وڏي وزير پاران ڪيپري سئنيما کان ٽاور تائين روٽ جو جائزو ورتو ويو، وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سمورا روڊ صاف ۽ ڪليئر آهن، صفائي جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔