ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به وسڪارو جاري

ڪراچي : سنڌ جي راڄڌانيءَ ڪراچي سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ اڄ به ڪٿي هلڪي ڪٿي برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي علائقن ملير، لانڍي، شاهراهه فيصل، گلستان جوهر، گلشن اقبال، ايف بي ايريا، نارٿ ڪراچي، محمود آباد، بلوچ ڪالوني ، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي رهي آهي، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي ، سنڌ جي ٻين شهرن شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر، دادو، ميهڙ، نوشهروفيروز، مورو، فيض گنج، همايون شريف، ڦلجي، ڦل، سرحد ۽ ٻين علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي ، موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات جو سسٽم ڪمزور ٿي ويو آهي پر اڃا ختم ناهي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔