نواز شريف کي حڪومت ئي ٻاهر موڪليو هو: شهبازشريف

لاهور: قومي اسيملبي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف کي حڪومت پاڻ ئي ٻاهر موڪليو هو .

احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ اخباري عيوضين سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته نواز شريف جي صحت تي حڪومت سياست ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اي پي سي ۾ سڀئي مخالف ڌر جون پارٽيون گڏجي ڪم ڪنديون ، ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ، عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔