ڪراچي ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ماها شاهه جو ڪيس 5 جوابدارن خلاف داخل

ڪراچي : ڪراچي جَي ڊفينس وارَي علائقي ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ماها شاهه جو ڪيس 5 جوابدارن خلاف گزري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. جنيد خان، وقاص، ڊاڪٽر عرفان ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيس ۾ فحش حرڪتون ڪرڻ، تشدد ۽ ڌمڪين جا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي ۽ ماها شاهه جَي پيءُ آصف شاهه ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته جنيد ماها کي پنهنجي گهر گهرائَي نشو ڪرايو ۽ ساڻس زيادتي ڪئي، جنيد جَي تشدد کان تنگ اچڻ بعد ماها تابش سان دوستي رکِي. هن ٻڌايو ته تابش پاران شادي جِي آڇ ڪرڻ بعد جنيد ماها کي وڌيڪ ٽارچر ڪيو، جنهن جو فائدو وٺندي ڊاڪٽر عرفان ماها کي ڪوڪين ۽ شراب پيارَي ساڻس فحش حرڪتون ڪيون. فريادي چيو ته اُن سڄي صورتحال کي منهن ڏيندي سندس نياڻي زندگي جو انت آندو.ڊي آءِ جي سائو ٿ جاويد اڪبر رياض سان ملاقات ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔