سنڌ حڪومت صوبي جي تباهي جي ذميوار آهي،ڪورونا تي سياست ڪئي وئي:شبلي فراز

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي الله ايڪسپوز ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته نواز شريف کي جنهن عرصي لاءِ ضمانت ڏني وئي ۽ جنهن مقصد لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو سڀني کي خبر آهي، نواز شريف جي بيماري کي استعمال ڪيو ويو، هو سياسي سرگرميون ڪري رهيو آهي، نواز شريف جي موٽائڻ لاءِ سمورا ذريعا استعمال ڪنداسين.

هن چيو ته حڪومت کي ڪو چئلينج ناهي، اپوزيشن نه هڪ پيج تي آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي، انهن جي هڪ ئي ايجنڊا لٽيل دولت بچائڻ آهي، پ پ کي ن ليگ ۽ ن ليگ کي پ پ تي اعتماد ناهي، انهن ۾ صلاحيت ناهي ته حڪومت خلاف قوم کي اڪسائي سگهن، مولانا فضل الرحمان ننڍين پارٽين جو اجلاس گهرايو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي تباهي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، ڪورونا تي سنڌ حڪومت سياست ڪئي، انهن پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سدائين الزام وفاق تي هنيو، سنڌ حڪومت رڳو اهو ناهي چيو ته برساتن جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، بجاءِ ان جي ته لاڙڪاڻي کي ڪراچي بڻائي پ پ ڪراچي کي لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي الله ايڪسپوز ڪري رهيو آهي.

ان موقعي تي فخر امام چيو ته اٽي ۽ ڪڻڪ جو بحران ڪجهه مهينا اڳ شروع ٿيو، جنهن جو سبب ذخيرو هو، 8 کان 9 سالن بعد پهريون ڀيرو ڪڻڪ جي اگهن ۾ فرق پيدا ٿيو، ذخيرو ڪندڙن ڪڻڪ جي قيمت ۾ واڌ جو فائدو کنيو، انهن ڪڻڪ 1400 رپيا مڻ خريد ڪئي ۽ 1800 تائي کپندي رهي، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔