نواز شريف نه آيو ته شهباز شريف نااهل ٿيڻ جي تياري ڪري ڇڏي: فياض الحسن

لاهور : پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٻاهرين ملڪ روانگي لاءِ شهباز شريف طرفان جمع حلف نامي جا تفصيل سامهون آڻي ڇڏيا.

شهباز شريف تحريري بيان ۾ چيو آهي ته هو نواز شريف جي صحتياب ٿيڻ تي واپس پاڪستان آڻڻ لاءِ سهولت فراهم ڪندو.

ن ليگ صدر حلف نامي ۾ اهو به لکيو آهي ته نواز شريف صحمند ٿيڻ باوجود واپس نه آيو ته وفاقي حڪومت کي اختيار هوندو ته اها فزيشن جي تصديق ڪري سگهي.

ان کانسواءِ نواز شريف طرفان جمع ڪرايل حلف نامو به سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته هو 4 هفتا يا جيتري جلدي ممڪن ٿي سگهي ڊاڪٽر جي تصديق کانپوءِ پاڪستان اچڻ جو پابند هوندو.

فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف نه آيو ته شهباز شريف نااهل ٿيڻ جي تياري ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔