پاڪستان پاران سائبر اسپيس سيڪيورٽي پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت “سائيبر اسپيس” کي محفوظ بڻائڻ جوفيصلو ڪندي سائيبر اسپيس سيڪيورٽي پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي سيڪريٽري شعيد صديقي موجب سائيبر اسپيس سيڪيورٽي پاليسي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. سائيبر اسپيس سيڪيورٽي جي مدد سان پاڪستاني انٽرنيٽ واهپيدارن جي ڊيٽا کي به ڪنٽرول ڪري سگھبو. ان بابت سڀني ڌرين سان به مشاورت ڪئي ويندي. ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ادارا به بڻايا ويندا جيڪي پاڪستان ۾ عوام جي ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا.
انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته ڀارت طرفان ڪيل سائيبر حملن ۾ 100 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن جي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيئن ڪنهن به ملڪ فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اجازت گھربل هوندي آهي اهڙي طرح پاڪستان جي انٽرنيٽ جي حدن مان ڪنهن به قسم جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ اجازت ضروري هوندي ۽ جيڪڏهن ڪو هيڪ ڪري ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان لاءِ پروايڪٽو طريقيڪار سان حملن کي ناڪام بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔