چهري جي تاثرات کي ظاهر ڪندڙ ماسڪ تيار

واشنگٽن: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دميا ۾ سمورن ماڻهن زندگي گذارڻ جو هڪ نائون طريقو اپنائي ورتو آهي. جنهن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائر کي هڪ اهم شيءَ تصور ڪيو ويندو آهي.
وبا کان بچڻ جي لاءِ صحت جي ماهرن طرفان ماڻهن کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ وقت ماسڪ جو لازمي استعمال ڪرڻ جي هدايت ڏني پئي وڃي. هاڻ هي ماسڪ سڀني کان وڏي رنڊڪ سمجهيو پيو وڃي ڇو ته هي ماسڪ لڳائيندڙ شخص جي چهري جا تاثرات سمجهڻ مشڪل آهي.
اهڙي مسئلي کي نظر ۾ رکندي تازو ئي هڪ اهڙو ماسڪ تيار ڪيو ويو آهي. جنهن کي لڳائڻ کان پوءِ اوهان وائرس کان به محفوظ رهندو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران رڪاوٽ به پيدا نه ٿيندي. سي ايل آءِ يو جي نالي سان تيار ڪيل هي خاص ماسڪ چپن وٽ ٽرانسپيرنٽ آهي يعني جڏهن به ڪو شخص هي ماسڪ لڳائيندو ته ان شخص جو منهن ۽ ان جا تاثرات صاف نظر ايندا.
سوشل ميڊيا تي هن ماسڪ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔