پاڪستان جو دورو ڪرڻ سان خوشي ٿيندي: جو روٽ

سائوٿمپٽن : انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪپتان جو روٽ چيو آهي ته اسان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ سان خوشي ٿيندي.
سائوٿمپٽن مان آن لائن پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي جو روٽ چيو ته پاڪستان جون وڪيٽون فليٽ ۽ انگلينڊ کان مختلف آهن، جن تي بيٽنگ ڪرڻ پسند ڪندس، دوري جو فيصلو ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ ناهي پر اهو جڏهن به ٿيندو، ذاتي طور پاڪستان وڃڻ پسند ڪندس.
هن چيو ته پاڪستان هڪ سٺو ملڪ آهي، اتي ڪرڪيٽ جي واپسيءَ تي عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو، مان رانديگرن کان به پڇيو هو ته توهان کي پاڪستان ۾ ٻيهر کيڏي ڪيئن لڳو، سڀني چيو ته ڏاڍو هاڪاري محسوس ٿيو.
واضح رهي ته انگلينڊ 2005 کانپوءِ پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو پر ڪورونا وائرس جي ڏکي صورتحال ۾ پاڪستان طرفان انگلينڊ جي دوري کانپوءِ پي سي بي اي اي او وسيم خان ۽ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم انگلينڊ تي پاڪستان جي دوري لاءِ زور ڀري رهيا آهن.
انگلش ڪرڪيٽ ٽيم کي شيڊيول موجب 2022 ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي پر پي سي بي ان کان اڳ انگلينڊ خلاف هڪ مختصر سيريز جي ميزباني جو خواهشمند آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔