اسمارٽ فون کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهٽ ۾ گهٽ هڪ منٽ تائين بند ڪرڻ گهرجي؛ ماهرن جي راء

لنڊن: اسان مان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اسماٽ فون سست ٿيڻ تي ان کي ري اسٽارٽ ڪندا آهن ۽ ان جي حفاظت جي لاءِ طرح طرح جا تجربا به ڪندا آهن.
ٽيڪنالوجي جي ماهرن طرفان ماڻهن کي ڪيتريون ئي اهڙيون تجويزون ڏنيون ويون آهن جن تي عمل ڪري اسان پنهنجي اسمارٽ فونز جي زندگي وڌائڻ سان گڏوگڏ پنهنجا پئسا به بچائي سگهون ٿا. اسمارٽ فونز جي حفاظت جي لاءِ اوهان کي اها خبر هجڻ تمام ضروري آهي ته اسمارٽ فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ ڪيترو ضروري آهي.؟ ۽ ان کي ڪڏهن ري اسٽارٽ ڪرڻ گهرجي.
ٽيڪنالاجي جي ماهرن موجب هر شخص کي پنهنجي اسمارٽ فون کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهٽ ۾ گهٽ هڪ منٽ تائين بند ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر اسٽارٽ ڪرڻ گهرجي. هفتي ۾ اسمارٽ فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ جا ڪيترائي فائدا آهن ائين ڪرڻ سان اسمارٽ فون جي ميموري، بيٽري ۽ ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي.
لاس اينجلس جي ٽيڪنالاجي ڪنسلٽنٽ بوب موتاميدي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اسان جي اسمارٽ فونز ۾ ڪيترائي ايپس بيڪ گرائونڊ تي هلندا رهندا آهن ۽ ان سان فون جي بيٽري ۽ ميموري تي اثر پوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔