ڪابل راڪيٽ حملن سان گونجي اٿيو

ڪابل: افغان گادي وارو شهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي راڪٽ حملن سان گونججي اٿيو ، شدت پسندن 14 راڪيٽ فائر ڪيا ، عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
افغان ميڊيا موجب ، ڪابل جي مختلف علائقن ۾ 14 راڪيٽ فائر ڪيا ويا ، هڪ اهڙي وقت جڏهن ملڪ جي آزادي واري ڏينهن ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن ، افغانستان اڄ (19 آگسٽ)تي آزادي جو ڏينهن ملهائيندو.
افغان گهرو وزارت تصديق ڪئي آهي ته حملي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته راڪيٽ گاڏين ۾ نصب ٿيل هئا ۽ ويڙهاڪ هڪ هلندڙ گاڏي مان فائرنگ ڪري رهيا هئا ، سمورن زخمين کي مقامي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن جو علاج ڪيو پيو وڃي.
ڪنهن به دهشتگرد گروهه ، طالبان سميت ، هن حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔