هر انسان ۾ ڪا نه ڪا کوٽ ضرور هوندي آهي؛ حرا ماني

ڪراچي :ڊراما انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا حرا ماني چيو آهي ته ڪو به انسان مڪمل پرفيڪٽ ناهي هوندو، هر ڪنهن ۾ ڪا نه ڪا کوٽ ضروري هوندي آهي.
فوٽو ۽ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي حرا ماني پنهنجون تصويرون جاري ڪندي لکيو ته منهنجي اکين ڀرسان ڪارنهن (ڊارڪ سرڪلز) موجود آهن ۽ مان ان ڳالهه کي تسليم ڪيان ٿي پر ڪو به شخص پرفيڪٽ ناهي هوندو، اسان کي گهرجي ته پنهنجي ظاهري خوبصورتي بدران اندر کي صاف ۽ خوبصورت بڻايون.
اداڪارا پنهنجي ڪيپشن ۾ شاعراڻي انداز ۾ ”ڪتني گهري حلقي شام ڪي رنگ هين ڇلڪي“ به لکيو.
واضح رهي ته حرا ماني اڄڪلهه ڊرامي سيريل ”ڪشف“ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔