ٻن سالن کان ملڪ مٿان نااهل حڪمران مڙهيا ويا آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻن سالن کان ملڪ مٿان نااهل حڪمران مڙهيا ويا آهن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻن سالن کان ملڪ تي نااهل حڪمران مڙهيا ويا آهن. حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ ۽ ڪرپٽ ترين آهي. 2 سال پاڪستان ۽ عوام جي لاءِ قيامت بڻجي گذريا آهن. حڪومت عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک ڏني. ڪرپٽ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي عوام سان ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. شڪر آهي ته حڪومت پنهنجي ٻن سالن جي بدترين ڪارڪردگي ۽ عوام جي خراب حالت تي عوام کي ٻن منٽن جي خاموشي جو درس ناهي ڏنو.

مريم اورنگزيب چيو ته بن سالن کان ملڪ تي مافيا جي ۽ مافيا جي لاءِ حڪومت مڙهيل آهي. ٻن سالن ۾ حڪومت ڪوڙ ڳالهايا ۽ عوام ٻڌڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. مافيا حڪومت جي ڪارڪردگي عوام جو اٽو، کنڊ ۽ پيٽرول چوري ڪندو رهي. 2 سالن ۾ قومي ۽ معاشي ترقي جو قتل ڪيو ويو ۽ قومي آمدني زيرو ٿي وئي آهي. بن سالن ۾ ڊالر جي قيمت ۾ تازي واڌ ٿي ۽ مهانگائي به بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

مريم اورنگزيب چيو ته 52 روپين ۾ وڪرو ٿيندڙ کنڊ اڄ 105 روپين کان وڌيڪ وڪرو ٿي رهي آهي. ٻن سالن ۾ دوائن جي اگهن ۾ 300 روپيه واڌ ٿي ۽ اٽو 35 کان 75 روپيه ڪلو پهچي ويو. گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ ظالماڻي واڌ عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔