عمران خان 2 سالن جي عرصي ۾ ملڪي تاريخ جي بدترين معيشت ڏني:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: عمران خان ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪي تاريخ جي بدترين معيشت ڏني، ڪشمير مامري کان وٺي سعودي عرب سان لاڳاپن تائين، پي ٽي آءِ سرڪار جي پرڏيهي پاليسي ناڪام رهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پي ٽي آءِ سرڪار کي 2 سال پورا ٿيڻ تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ٻن سالن ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن کي نشانو بڻايو، ملڪ اندر ٻن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري ٿي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب عمران خان جي اقتدار ۾ پهرين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو ثبوت اهو آهي جو معيشت کي تباهه ڪيو ويو ۽ رڳو اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔