پارڪ لين ڪيس: آصف زرداري خلاف هڪ ٻيو ضمني ريفرنس داخل

اسلام آباد: پارڪ لين ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف نيب هڪ ٻيو ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب پارڪ لين ڪيس ۾ نيب راولپنڊي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف هڪ ٻيو ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ضمني ريفرنس ۾ جعلي دستاويزن تي قرض وٺڻ جون شاهديون شامل آهن. ضمني ريفرنس موجب پارڪ لين ڪمپني قرض واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي رهي آهي جڏهن ته خانگي بينڪ جي وڌيڪ ٻن جوابدارن کي ضمني ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف علي زرداري مٿان  وڊيو لنڪ جي ذريعي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي هئي پر آصف زرداري سميت سمورن جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔