سنڌ حڪومت پاران ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي هلائڻ تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين پابندي

ٺٽو: سنڌ حڪومت ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي هلائڻ تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين پابندي مڙهي ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪينجهر ڍنڍ ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي جو سختي سان نوٽِس وٺندي ان جي رپورٽ گهرائي ورتي آهي .

رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي اوورلوڊنگ کي حادثي جو سبب قرار ڏنو  آهي، پوليس ٻيڙي جي مالڪ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي .

ان ڏس ۾ ايس ايس پي ٺٽي عمران خان گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي .

سندس چوڻ هو ته پيش آيل حادثو افسوسناڪ آهي ، سانحي ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته 3 کي بچايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔