نيپرا چيئرمين ڪي اليڪٽرڪ طرفان اسٽي آرڊرز جي فهرست کڻي سُپريم ڪورٽ ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي : نيپرا چيئرمين ڪي اليڪٽرڪ طرفان اسٽي آرڊرز جي فهرست کڻي سُپريم ڪورٽ ڪراچي پهچي ويو، نيپرا چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته نجي ڪمپني کان بجلي خريد ڪرڻ تي به اسٽي ورتو ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي هر منصوبي ۾ گڙٻڙ آهي، بجلي جي واهپيدارن جو جيترو پئسو ٺهي ٿو، ڪي اليڪٽرڪ اُهو واپس ڪري، سُپريم ڪورٽ کي ڪي اليڪٽرڪ جي فارينزڪ آڊٽ ڪرائڻ جي به استدعا ڪڪري ڇڏي،هن ڪي اليڪٽرڪ طرفان 40 ارب رُپين کان وڌيڪ معاملن تي اسٽي آرڊرز وٺڻ جو انڪشاف ڪيو، عدالت طرفان اٽارني جنرل کي ڪراچي ۾ بجلي جي مستقل فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت جو پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔