ڪراچي جي مسئلن تي سنڌ حڪومت سان اتفاق نه ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: عمران اسماعيل

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ وفاق جو سنڌ حڪومت سان فريم ورڪ تي اتفاق نه ٿيو ته سخت ڪارروائي کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي. 

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي کي اهڙي حالت ۾ نٿي ڏسي سگهي شهر جي لاءِ فريم ورڪ ٺاهي رهيا آهيون جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت سان فريم ورڪ تي اتفاق نه ٿيو ته سخت ڪارروائي کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي ۽ سخت ايڪشن ۾ آرٽيڪل 149 جي شڪ 4 به لاڳو ٿي سگهي ٿي.

هوڏانهن ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت فنڊز اسان جي حوالي ڪري ته ملي ڪم  ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي حڪومت  ڪو به فريم ورڪ ٺاهي پر ان جي اڳواڻي  سنڌ جو وڏو وزير ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جا فنڊز صوبي ڏانهن منتقل ڪري. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جي مسئلن تي صوبائي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔