سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اسڪولي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته فيس ۾ رعايت نه ڏيندڙ اسڪولي انتظاميا خلاف والدين شڪايت داخل ڪرائين، اُن کانپوءِ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪري، عدالت ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز کي 20 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز خاطري ڪرائي ته فيس ۾ رعايت نه ڪندڙ اسڪولز جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔