ڪاڇي ۾ ٻوڏ کي 6 ڏينهن گذري ويا،هزارين خاندان ڦاٿل، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ پريشان

ڪراچي: ڪاڇي ۾ ٻوڏ کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود هزارين خاندان ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ پريشان آهن، پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ باوجود حڪومتي ادارا رستا بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن،

جوهي شهر سان ڊرگهه بالا، واهي پانڌي ۽ ڇني جو زميني رابطو ڪاٽا هجڻ سبب ٻوڏ سٽيل ڪاڇي ۾ خوراڪ ۽ طبي شين جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪري وئي، گورک هِل اسٽيشن، حاجي خان، ٽندو رحيم ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حڪومتي ادارن نڌڻڪو ڇڏي ڏنو،

ڪاڇي جي متاثرن دانهيو آهي ته انتظاميا رڳو ويجهي وارن علائقن ۾ آپريشن ڪري واپس هلي وڃي ٿي، ڏورانهن علائقن ۾ ڦاٿل عورتن ۽ ٻارن سوڌو سوين ڳوٺاڻا امداد لاءِ دربدر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔