اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي ۾ اڏاوت تي پابندي لاڳو

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي ۾ اڏاوت تي پابندي لڳائي ڇڏي، ڊي سي اسلام آباد کي پابندي تي عمل يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي کي اين او سي جاري ڪرڻ جو رڪارڊ طلب،ڪيو ويو ، موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ملڪ امين اسلم کان رپورٽ طلب،ڪئي وئي، چيف جسٽس اطهر من الله سي ڊي جي ميمبر سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اين او سي ڇو جاري ڪئي؟ اجازت نامي ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو ذڪر ڪيو ويو آهي جو اُن اين او سي جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، پهاڙن ۽ ٻيلن وارن علائقن ۾ سوسائٽي ٺاهڻ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ اها سي ڊي اي اختيارين جي نااهلي نه، پر مجرماڻي لاپرواهي آهي، سي ڊي اي اسلام آباد جي تباهي جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو، توهان ڄاڻي واڻي سمري ۾ حقيقتون لڪايون ۽ غلط بياني ڪئي، هتي قانون ۽ احتساب رڳو ڪمزور ماڻهن لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔