عدالتي حڪمن موجب ڪراچي جي نالن تي ڪم ڪري رهيا آهيون: چيئرمين اين ڊي ايم اي

اسلام آباد: چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي نالن تي ڪم جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ هو ته پاڪ چين دوستي ماکي کان مٺي ۽ سمنڊ کان به اونهي آهي. هن چيو ته 4 مهينن کان پاڪ چين دوستي جو نئون روپ سامهون اچي ويو آهي. پاڪستان ۾ چيني سفير سان هر ميٽنگ ۾ تعاون وڌيو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته چين پاڪستان ۾ ڪورونا صورتحال دوران جيڪا امداد ڏني اها وسارڻ جوڳي نه آهي. هن چيو ته چين ماڪڙن جي تدارڪ لاءِ 50 اسپريئر يونٽس به ڏنا، پاڪستان ۾ ماڪڙن جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، ڳڻتي جي ڪابه ڳالهه ناهي.

چيئرمين اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا گهٽ ٿي ويو آهي پر ختم ناهي ٿيو. عوام احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ نه ڇڏي. ڪراچي ۾ نالن جي صفائي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ هو ته ڪراچي جي نالن تي ڪم جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهيون. سومر کان ڪراچي ۾ نالن تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔