اڳوڻي ڀارتي صدر پرناب مکرجي جي موت جون خبرون گردش ۾

دهلي: ڀارت جو اڳوڻو صدر پرناب مکرجي ڪوما ۾ هليوويو آهي ۽ ٻه ڏينهن اڳ ان جي دماغ جو آپريشن به ٿيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب پرناب مکرجي جي ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري آئي هئي ، پرناب مکرجي سال 2012 کان 2017 تائين ڀارت جو صدر رهيو آهي. 10 آگسٽ تي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سندس ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پرناب مکرجي جي حالت هاڻي به ڳڻتي جوڳي آهي ۽ هو لاڳيتو وينٽي ليٽر سپورٽ تي آهي .

ڀارتي ميڊيا ۾ سندس موت جون خبرون به گردش ڪري رهيون هيون پر خاندان ۽ اسپتال وارن انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو .

پرناب مکرجي جي ڌيءَ ۽ ڪانگريس اڳواڻ شرمشٺا مکرجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ان جي والد جي باري ۾ جيڪي افواهه پکيڙيون ويون آهن اهي ڪوڙيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔