انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انساني حقن جون تنظيمون ڀارت ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺن

پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ڀارتي شهر بنگلور واري واقعي سان مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن ، هن چيو ته ڀارت ۾ اڄ اقليت محفوظ ناهي .

هن چيو ته مسجد کي شهيد ڪري مندر ٺاهڻ قطعي طور تي درست ڪم ناهيجڏهن ته ڀارت ۾ اهي شاهديون به مسلمانن جون هونديون آهن ۽ گرفتاريون به انهن جون ، انساني حقن جي تنظيمن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پرڏيهي وزيرچيو ته سيڪيولر اسٽيٽ کي ته ڀارت جي موجوده حڪومت دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ ڀارت ۾ هڪ هندو رياست جنم وٺي رهي آهي .

هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ڀارت جو اندروني مسئلو ناهن پر اهو انسانيت جو مسئلو آهي ۽ پاڪستان جو حق آهي ته اهو ان مسئلي کي اٿاري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔