قومي اسيمبلي ۾ دهشتگردي ٽوڙ، شراڪت داري، ڪمپنيز ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ ايڪٽس ۾ ترميمن جا بلز منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ ائنٽي ٽيرر اِزم، شراڪت داري، ڪمپنيز ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ ايڪٽس ۾ ترميمن جا بلز منظور ڪيا ويا ، قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ايوان ۾ 5 بِلز پيش ڪيا، بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته دهشتگردي جي وضاحت ٿيڻ گهرجي، کڙڪي ٽوڙڻ وارو دهشتگرد هوندو آهي، پر آئين ٽوڙيندڙ کي دهشتگرد قرار نٿو ڏنو وڃي، آئين ٽوڙيندڙ کي به دهشتگرد قرار ڏنو وڃي، وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته سموري دُنيا ۾ ايف اي ٽي ايف ۽ مني لانڊرنگ جا قانون موجود آهن، ملڪ ۾ بُنيادي حقن جو خيال رکيو ويندو، مذهب ۽ دهشتگردي ۾ فرق هجڻ گهرجي، اسلام ۽ دهشتگردي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، اسلام امن جو مذهب آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔