ڪاڇي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي رڻ رولي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي علائقي ڪاڇي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي رڻ رولي ڇڏيو، علائقي ۾ لڳل ڪئمپون به پٽرائي ڇڏيون، متاثر ڳوٺاڻن تائين امداد پهتي ۽ نه ئي ڪو علائقي جو چونڊيل نمائندو پهتو آهي ، جنهن ڪري صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، تفصيل موجب ڪاڇي ۾ نئين گاج ۽ ٻين جابلو نئين تباهه ڪارين کانپوءِ انتظاميا جي نااهلي ۽ بي حسي ڳوٺاڻن کي نهوڙي ڇڏيو آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن جو هڪ ٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ، روڊ رستا ٻوڏ جي ورچڙهي ويا آهن جڏهن ته ڳوٺاڻا راشن جي کوٽ سبب بکون ڪاٽي رهيا آهن ، متاثر علائقن ۾ بيمارين به ڪرُ کڻڻ شروع ڪيو پر ڪو به سنڌ حڪومت جو چونڊيل نمائندو متاثرن ڏانهن لڙي نه ويو آهي ، متاثرڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ، علائقي ۾ ڪنهن به قسم جا ڪا سهولت موجود نه آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔