ماءُ جي لولي هميشه ياد ايندي آهي: ماهره خان

ڪراچي: مشهور اداڪاره ماهره خان چيو آهي ته ننڍپڻ جي سڀني کان حسين يادن ۾ ماءُ جي لولي ٻڌي ننڊ پوڻ آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ مشهور اداڪاره ماهره خان ڪوڪ اسٽوڊيو جي نغمي ”نندياري“ شيئر ڪندي ننڍپڻ جي يادن کي تازو ڪيو، پنهنجي پوسٽ ۾ هن انڪشاف ڪيو ته پنهنجي زندگي ۾ جنهن شيءِ جي سڀني کان وڌيڪ ڪمي محسوس ڪيان ٿي اها آهي ننڍپڻ ۾ ماءُ جي لولي جنهن سان کيس جلد ئي ننڊ اچي ويندي هئي.
ماهره خان وڌيڪ لکيو ته مونکي صرف ايترو ياد آهي ته جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان ننڊ جي انتظار ۾ سموري رات جاڳندي هئس، جاڳندي اکين سان خواب ڏسڻ منهنجو محبوب مشغلو هوندو هو، انهن خوابن ۾ اسڪول ۾ انعام حاصل ڪرڻ، فلم ۾ اداڪري ڪرڻ ۽ پسنديده ماڻهوءَ سان گفتگو ڪرڻ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔