پارڪ لين ريفرنس ۾آصف زرداري جي نيب اختيارين خلاف درخواست رد ،فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾آصف علي زرداري جي نيب اختيارن خلاف درخواست رد ڪندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، احتساب عدالت جي جج اعظم خان آصف علي زرداري جي ٻنهي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو، عدالت 10 آگسٽ تي آصف زرداري خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته آهي ته لکت وارو حڪم نامو اڄ ئي جاري ڪيو ويندو، جنهن ۾ضروري هدايتون ڏنيون وينديون، واضح رهي ته پارڪ لين ريفرنس ۾آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ۾ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي، اڳوڻي صدر طبي بنيادن تي ضمانت بعد ڪراچي ۾موجود آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔