ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) تصديق ڪئي آهي ته ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 650 ملين ڊالر جو اضافو ٿي چڪو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اضافي بعد مرڪزي بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 12.54 ارب ڊالرز تائين پهچي ويا آهن . جڏهن ته ڪمرشل بئنڪس وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ست ارب ڊالرز تائين پهچي ويا آهن
مرڪزي بئنڪ موجب ٽيهه جولاء تائين پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 19 ارب 56 ڪروڙ 29 لک ڊالرز جي سطح تي پهچي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔