لبنان ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 157 تائين پهچي ويو

بيروت: لبنان ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 157 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 5 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن. بيروت ۾ ملبي هيٺيان دفن ٿيلن جي تلاش جاري آهي. فرانسيسي صدر لبنان پهتو ۽ حادثي جي جڳهه جو دورو ڪيو.
تفصيلن موجب مارجي ويلن ۾ چار بنگلاديشي شهري ۽ هڪ فرانسيسي ۽ هڪ آمريڪي شهرن شامل آهي. لبنان ۾ شهري حڪومت کان ناراض آهن. ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو به شدت اختيار ڪري ويو آهي..
لبناني حڪومت ڌماڪي جا سبب ڄاڻڻ لاء جاچ ڪميٽي قائم ڪئي آهي ، جنهن کي چيو ويو آهي ته چار ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. فرانسيسي صدر لبنان جي دوري تي بيروت پهتو ، جتي هن حادثي واري هنڌ جو پڻ دورو ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔