مانچيسٽر ٽيسٽ؛ پاڪستان جي 326 رنسز جي جواب ۾ انگلينڊ جا چار رانديگر 92 رنس تي آئوٽ

مانچسٽر: ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين انگلينڊ جي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 92 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.اولي پوپ ۽ جوس بٽلر وڪيٽ تي موجود آهن
پوپ اڃا تائين 46 رنسون ٺاهي چڪو آهي ، جڏهن ته جوس بٽلر 15 رنسون ٺاهي چڪو آهي.مانچسٽر ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن پاڪستاني بيٽسمين شان مسعود ۽ پاڪستاني بالرز جي نالي رهيو.
پاڪستاني بالرز شاندار بالنگ ڪئي ۽ انگلينڊ جا چار رانديگرن کي آئوٽ ڪري پويلين واپس موڪليو.انگلينڊ کي پاڪستان جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 234 رنسن جي ضرورت آهي جڏهن ته سندس ڇهه وڪيٽون بچيون آهن۔
ان کان پهريان قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 326 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي .پاڪستان طرفان شان مسعود سٺي بيٽنگ ڪئي ۽ 319 بالز کيڏي 18 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 156 رنسون ٺاهيون.
بابر اعظم پنهنجي شاندار راند سان ڪرڪيٽ جي مداحن کي به تفريح ڏني.هن 106 بالن کي منهن ڏنو ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 69 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔