ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو ڀارت سان سفارتي رابطو

اسلام آباد: پاڪستان جي حڪومت عدالتي حڪم موجب ڪلڀوشن  ياديو جي معاملي تي ڀارت سان سفارتي رابطو ڪيو آهي.

گهرو وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر عائشه فاروقي هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ ڀارت سان رابطي جو حڪم ڏنو هو. عدالتي حڪم موجب ڀارت سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ  سندس جواب جو انتظار آهي. پرڏيهي آفيس پاران پاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪنهن به حملي جو  جواب ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان دهشتگردن کي مدد فراهم ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا هئا. ان حوالي سان آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته فائرنگ دير جي علائقي بن شاهي مان ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر عائشه فاروقي ٻڌايو ته افغان آرمي کي بن شاهي ۾ بارڊر ميٽنگ جو چيو ويو هو ٻنهي ملڪن کي بهترين تعاون ۽ ڪوآرڊينيشن جي ضرورت آهي.

يوم استحصال ڪشمير بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته  سڄي ملڪ ۾ ريليون ۽ تقريبون ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر عائشه فاروقي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ صدر عاف علوي به ان ريلي کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته 14 آگسٽ کان سيد علي گيلاني کي نشان پاڪستان نوازيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔