سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کان پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين واري معاملي تي جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کان پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين واري معاملي تي جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايس پي غلام نبي ڪيريو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل بئريسٽر ميان مشتاق دليل ڏنا. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جو مُک جوابدار اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي ضمانت تي آزاد آهي، جيڪڏهن مُک جوابدار کي ضمانت ملي ٿي ته ٻيا جوابدار به ضمانت جا حقدار آهن، پر ايس پي غلام نبي ڪيريو اڃا تائين جيل ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته ٻيا جوابدار يا ته ضمانت تي ٻاهر آهن يا سلطاني شاهد بڻجي آزاد ٿي ويا آهن. واضح رهي ته ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ايس پي فدا حسين ۽ غلام نبي ڪيريو سميت 8 پوليس آفيسرز جوابدار نامزد آهن جن مٿان ايس آر پي ۾ ساڍا 500 کان وڌيڪ اهلڪار غيرقانوني طور ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي. عدالت درخواستگذار جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب کان اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔